والاريل بيت المقدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي صحت واري و??ار?? چيو آهي، ته غزه پٽي تي اسرائيل جي جارحيت جي نتيجي ۾ هاڻي تائين 260 ٻارن، 230 عورتن ۽ 8 صحافين سميت 900 فلسطيني شهيد ٿ?? چڪا آهن. فلسطيني خابرو اداري مطابق فلسطين جي شهيدن ۾ 8 صحافي شامل آهن جڏهن ته 20 صحافي پيشيواراڻيون ذميواريون انجام ڏيڻ دوران بمباري ۾ سخت زخمي پڻ ٿيا آهن. صحت واري و??ار?? مطابق اسرائيل جي گهيراءَ جي نتيجي ۾ غزه ۾ اسپتالن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. صحت واري و??ار?? ٻڌايو ته بجلي جي ??راهمي ۾ رنڊڪ صحت جي ??ظام لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي سخت زخمي شهرين ۽ بيمارن جي حياتين کي خطرا درپيش آهن، جنريٽر وسيلي بجلي جي ??راهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ۽ انجنيئرنگ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. هوڏانهن ر??س جي خابرو اداري (تاس) فلسطين جي ??رڏيهي و??ار?? طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته اسرائيل جي ??وائي حملن جي نتيجي ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 22639 عمارتون ۽ 10 اسپتالون تباهه ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه 48 اسڪولن کي پڻ نقصان پهتو آهي جڏهن ته علائقي ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.
اسرائيل جي بمباري ۽ عسڪري ڪارروائي دوران صحافين سميت فلسطيني شهيدن جو انگ 900 ٿي ويو، غزه ۾ 22639 رهائشي عمارتون، 10 اسپتالون تباهه، 48 اسڪولن کي نقصان پهتو
مضمون کا ماخذ : پاور بال