تهران -07 نومبر (اي پي پي) ايران غزه تي ايٽمي بم ڪيرائڻ بابت اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي بيانن بعد گڏيل قومن کان فوري طور تي اسرائيل خلاف ڪارروائي ??رڻ تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير حسن امير عبداللهيان گذريل ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کان مطالبو ڪيو آهي، ته اهي اسرائيل کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي کي ان نسل پرست ۽ وحشي حڪومت کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فوري ۽ مستقل ڪارروائي ??رڻ گهرجي. هن آمريڪا کي غزه ۾ نسل ڪشي جو مڪمل ذميوار قرار ڏنو. جيستائين اسرائيل جي وزير جو غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري ڌمڪي جو تعلق آهي. هن فلسطيني ڌڙن جي حوالي سان چيو ته اهي بيان مزاحمت آڏو سندن حڪومت جي حقيقي شڪست کي ظاهر ڪن ٿا. هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها اسرائيل کان خطرناڪ ايٽمي خطري کي نظر ۾ رکن. هن ان خطري جي حوالي سان ايٽمي هٿيارن جي استعمال تي پا??ند?? بابت اولهه جي ملڪن جي خاموشي تي تنقيد ڪندي چيو ته اها بد??سمتي جي ڳالهه آهي ته اولهه جا دعويدار سالن کان خيالي ۽ ڪوڙي خطري سان وڙهي رهيا آهن. پر کين اصل خطرو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻي تائين انهن پاران ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
اسرائيل طرفان ايٽمي حملي جي ڌمڪي، گڏيل قومون ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪن: ايران
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2