گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) پا??ست??ن هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل چونڊ دوران پا??ست??ن کي گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي سفارش تي ڪيل اها چونڊ عالمي برادريءَ طرفان گڏيل قومن ۾ پا??ست??ن جي اثرائتي ڪردار جي عڪاسي آهي. پا??ست??ن 1973ع کان گڏيل قومن جي هن 34 رڪني ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ پهرين جنوري 2024ع کان 3 سالن جي مُدي ل??ءِ ڪم ڪندو. ڪميٽي منصوبا بندي، پروگرامنگ ۽ رابطه ڪاري ل??ءِ ECOSOC ۽ جنرل اسيمبليءَ جي اهم ذيلي اداري طور ڪ?? ڪري ٿي. جنهن ۾ ترجيحي پروگرامن جي سفارش ڪرڻ، قانونسازي کي پروگرامن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سفارشون ڏيڻ تي سيڪريٽريٽ جي رهنمائي، سڃاڻپ جي طريقيڪار جي ترقي ۽ اي سي او ايس او سي جي ان ڪوآرڊينيشن جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي اهم قانونسازيءَ جي فيصلن تي عملدرآمد جو وقت سر جائزو به وٺي سگهي ٿي.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد