گڏيل قومون-02 جنوري (اي پي پي) نئين ??ال جي شروعات تي مظلوم فلسطينين خلاف اسرائيلي جارحيت رڪجي نه سگهجي، سڄي دنيا ۾ نئين ??ال جا جشن ر??يا جڏهن ته فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا. مقامي صحت کاتي جي عملد??رن مطابق 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 100 فلسطيني شهيد ۽ 286 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. نئين ??ال جي شروعات تي فلسطيني پنهنجن پي??رن جا لاش کڻڻ ۽ زخمين کي طبي مرڪزن ۾ وٺي وڃڻ ۾ مصروف رهيا. هلال احمر طرفان پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ وچ غزه ۾ حملن کان پوءِ افراتفري کي ڏيکاريو ويو آهي جتي امدادي ڪارڪن رات جي اونداهيءَ ۾ باهه جي ڍير مان هڪ زخمي ٻار کي ڪڍڻ ۾ مصروف ه??ا. غزه جي رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان وٽ رهڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي، اسان جهازن ۽ ڊرونز جي آوازن جو خاتمو چاهيون ٿا. هوڏانهن اسرائيلي عملد??رن جو چوڻ آهي ته هو غزه ۽ مصر وچ ۾ پوري سرحدي علائقي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته غزه ۾ جنگ جي پڄاڻي تمام پري آهي.
سڄي دنيا ۾ نئين سال جا جشن، فلسطيني جنگبندي جي دعائن لاءِ مصروف رهيا
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ