برلن، جنيوا -18 مارچ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ هزارين ماڻهن فلسطين سان يڪجهتي لاءِ مارچ ڪيو. 7 آڪٽوبر کان غز?? ۾ اسرائيل طرفان ڪيل حملن خلاف شهر جي پا??ڪ ڊيس ڪروپيٽس اسڪوائر تي هزارين ماڻهو گڏ ٿيا. مظاهر??ن انگريزي، فرانسيسي ۽ عربي ۾ فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف رد عمل جا نعرا لڳايا. مظاهرين فلسطين خلاف اسرائيل جي نسل ڪشي تي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ غز?? م ڏڪار ۽ خاص طور تي بک سبب ٻارن جي فوتگين تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اهڙي ريت جرمني جي گا??ي واري هن?? برلن ۾ پڻ فلسطين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مختلف فلسطيني گروپن جي انتظام هيٺ ”فلسطين سان يڪجهتي جو مظاهرو“ جي دائريڪار ۾ ڪيترائي ماڻهو نيوڪلن ضولع ۾ سوتيلي ٽر??ن اسٽيشن ويجهو واري علائقي ۾ گڏ ٿيا. جنهن کان پوءِ مظاهرين فلسطيني جهنڊو کڻي حرم??ن اسڪوائر ڏانهن مارچ ڪيو. غز?? تي اسرائيل جي حملي خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين ”غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪيو“، ”بيت المقدس فلسطين جو گا??ي وارو هن?? آهي“، هاڻي جنگ بندي ۽ فلسطين جي آزادي جا نعرا هنيا.
سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ