اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته غيرمنقولا جائيداد تي ع??لدرآمد لاءِ آرڊيننس آندو پيو وڃي، صدر انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب هائوس ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر، ڊاڪٽر ??با??الله، شهاب الدين خان ۽ انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سول سروس آف پاڪستان جي آفيسرن تي سرڪاري پلاٽ جي وڪري تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي شرح اڌ هوندي، غيرمنقولا جائيداد جي حوالي سان فيصلو ٿيو آهي، اهو قانون ذريعي ٿيندو، اهو مني بل طرز ت?? هوندو تنهن هوندي به ان جي لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن اهو جلد لاڳو ٿئي، مني بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، سينيٽ جو 5 آگسٽ کان اجلاس آهي، هت?? به اهو بل پيش ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری