راولپنڊي – 18 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪري ??هي آهي، دهشتگردي خلاف موثر آپريشن?? سبب هاڻي پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڪي محفوظ پناهگاهون نه آهن، اسان جديد تاريخ ۾ نه رڳو دهشتگر??ي جي بدترين يلغار جو مقابلو ڪيو پر اسان لهرن جو رخ موڙيو آهي. هو جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ ايس پي آر ۽ ايڇ اي سي جي حصيداري ??ان انتهاپسندي کي رد ڪرڻ ۾ نوجوان نسل جي ڪردار جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري ??هيو هو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هڪ قوم جي طور تي دهشتگر??ي جي لعنت جي خلاف بهادري ??ان مقابلو ڪيو، اسان جي هٿياربند فوج دهشتگر??ي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏئي دنيا جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي انهن ڪاميابين جو اعتراف پوري ??نيا ڪري ??هي آهي. هن چيو ته مون کي دنيا جي سڀ کان بهترين، بهادر ۽ پرعزم فوج جو سپهه سالار هجڻ ??ي فخر آهي، مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي.
پاڪ فوج دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪري رهي آهي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی