چنگ ڊائو – 11 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪ چين دوستي فورم کي خطاب دوران ايس سي او ٽريڊ ڪوريڊر جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ان ل??گهه سان علائقائي توانائي جون ضرورتون پوريون ??رڻ ۾ مدد ملندي، چين جو پرڏيهي پاليسي ۾ ٻين ملڪن کي به ترقي جي سفر ۾ شامل ڪرڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. صدر جيڪو هن وقت شنگهائي تعاون تنظيم جي 18 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي 4 ڏينهن جي دوري تي آهي، هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب اجلاس منعقد ٿيڻ تي پوري چيني قوم ۽ حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته چين سان سي پيڪ ۽ گوادر جهڙن منصوبن سان ٻئي ملڪ ئي نه پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي ملندي.
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria