ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي ??اءِ سامونڊي وسيلن جي ??ائيدار استعمال بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙا??ي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وسيلن جي ??ائيدار استعمال بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌ??ان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي ??روغ جي ??اءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وسيلن جي غيرذميواراڻي استعمال جي تدارڪ جي ??اءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي اسان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ??اءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي اختيار ڪندو: صدر
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر