اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معا??لن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي ج??هن ۾ سڀني ج?? لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معا??لن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪ??و. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي ج?? اهم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽائيم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪج??ه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان ب??بت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي ج?? وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي ج?? لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽائيم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگا??ه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي ج?? لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي ج??د ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.
نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي: علي زيدي
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے