اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، اسان جي افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، پاڪستان سدائين افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ به پائيدار امن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پاڪ فوج دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ لاتعداد ڪامياب آپريشنز ڪيا ۽ جنگ سٽيل علائقن جي بحالي کي ??مڪن بڻايو آهي، اميد آهي ته افغانستان جي عوام امن ۽ سلامتي جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪندي، ملڪ جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن ۽ انهن جي وارثن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي فوج جي جانبازن سدائين پنهنجي رت سان پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪيو، انهن جي قربانين ۽ جانين جا نذرانا نه رڳو اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ??حفوظ بڻايو پر پوري قوم جو ڳاٽ رهندي دنيا تائين فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو، خطي جي ترقي ۽ امن امان ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ڳنڍيل آهي. هو جنرل هيڊڪوارٽرز راولپندي ۾ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪري ??هيو هو. تقريب ۾و فاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن، پاڪستان جي شهيدن جي عظيم خاندانن، غازين ۽ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ عسڪري ??ملدارن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته 6 سيپٽمبر رڳو هڪ ڏينهن نه آهي پر اسان جي قومي تاريخ ۾ قومي يڪجهتي، حوصلي ۽ قرباني جو استعارو آ??ي. ??نا ڪنهن شڪ جي اهو وفا جو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي جيڪو اسان کي ??اد ڏياري ٿو ته ڪيئن اڄ کان 56 سال اڳ پوري قوم هڪ اڻ اعلانيل جنگ جي خلاف دشمن جي ناپاڪ ارادن جي راهه ۾ هڪ شيهي جي ديوار وانگر بيهي ر??ي. ??ن جدوجهد ۾ نه رڳو اسان دشمن جي طاقت جي غرور کي خاڪ ۾ ملايو پر پوري ??نيا کي اهو پيغام ڏنو ته اسان بحيثيت قوم نه رڳو پنهنجي آزادي سان محبت ڪريون ٿا پر هن سرزمين جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان به نه ٿا ڪيٻايون. هن چيو ته اسان جي آزادي جي پهرين ساهه کان وٺي ايندڙ نسلن تائين پاڪستان جو هر ٻار ان آزادي جي لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار آ??ي. ??نگ ڀلي سترنهن ڏينهن جي هجي يا ستر سالن جي، روايتي هجي يا غيرروايتي، اسان جو دشمن وطن جي لاءِ اسان جي قربانين جي روايت ۽ جذبي کي ختم نه ٿو ڪري ??گ??ي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج جي جانبازن سدائين پنهنجي رت سان پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتي جو تحفظ ڪيو آ??ي. ??نهن جي قربانين ۽ جانين جي نذرانن نه رڳو اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ??حفوظ بڻايو پر پوري قوم جو ڳاٽ رهندي دنيا تائين فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته انهن ئي نه وسارڻ جوڳين قربانين کي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين عزم سان ياد ڪندي اسان اڄ جي ڏينهن قوم جي انهن عظيم فرزندن ۽ انهن جي خاندانن جي جذبي، حب الوطني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. بيشڪ اسان جا شهيد اسان جو فخر ۽ اسان جي سر جو تاج آهن. صدر چيو ته آزادي خدا تعاليٰ پاران عطيو آهي ۽ پاڪستان جي آزادي الله تعاليٰ جي مدد ۽ اسان جي بزرگن جي هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ ئي ممڪن ٿي هئي. آزادي جي ان سفر ۾ تمام ڏکيا مرحلا آيا، لکين خاندانن هجرت ڪئي، مائرن ۽ ڀينرن رت جا دريا پار ڪيا، اها به حقيقت آهي ته اسان جو دشمن پهرين ڏينهن کان ئي اسان جي آزادي ۽ خودمختياري ??ي پويان هو. آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ ئي پاڪستان کي ڀارت جي جارحيت کي ??نهن ڏيڻو پيو، پاڪستان تي ڪڏهن روايتي جنگ جي صورت ۾ جارحيت مڙهي وئي ته ڪڏهن دهشتگردي جي صورت ۾، ڪڏهن پاڻي جارحيت جي صورت ۾ ته ڪڏهن مختلف معاشي ۽ سفارتي حربن جي صورت ۾. هن چيو ته امن جي لاءِ پاڪستان جي سمورين ڪوششن جي باوجود اسان کي اڄ به پنهنجي اوڀر پاشري ??ان پرامن گڏيل بقاءَ ۽ عزت ۽ وقار سان رهڻ ۾ مسئلن کي ??نهن ڏيڻو پيو آ??ي. ??دقسمتي سان اسان جو پاڙيسري ملڪ 1947ع کان اڄ تائين اسان جي آزادي کي ??اصل ڪرڻ جي تاريخ کي دل سان قبول نه ??ري ??گهيو. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حقيقتن کي دل سان تسليم ڪندي سمورن مسلئن جو منصفاڻو حل ڳوليو وڃي. انهي ۾ پوري ??طي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي سلامتي ۽ ترقي ۽ ڀلائي جو راز لڪل آ??ي. ??در چيو ته هتي آئون اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن خطي جي ترقي ۽ امن جو راز ڪشمير جي منصفاڻي حل سان واڳيل آهي، اسان ڀارت جي ڪشمير تي غاصباڻي قبضي ۽ 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ کنيل انهن سمورن قدمن جيڪي حقيقت ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان گڏيل قومن جي قراردادن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهن انهن کي ??ڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت کي ??اد رکڻو پوندو ته آزادي جي جذبي کي طاقت جي زور تي ۽ ڪارن قانونن جي ڏاڍ سان وڌيڪ عرصي تائين دبائي نه ٿو سگهجي، اسان ڪشميرين جي حريت جي جذبي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي حماي ۾ پنهنجي هر ممڪن سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، اسان جي افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، پاڪستان سدائين افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آ??ي. ??ڄ به پاڪستان انهن سمورين ڪوششن جو حصو آهي جيڪي افغانستان ۾ هڪ پائيدار امن جي لاءِ ڪيون پيون وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هتي آئون توهان سڀني جو ڌيان پاڪستان جي انهن عظيم قربانين طرف ڇڪرائڻ چاهيندس جيڪي اسان دهشتگردي جي جنگ ۾ قوم جي حيثيت سان ڏنيون. اسان جي بهادر فوج دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڪامياب آپريشنز ڪيا ۽ جنگ سٽيل علائقن جي بحالي کي ??مڪن بڻايو. اهڙي طرح اسان پاڪستان ۽ افغانستان جي عالمي سرحد تي خاردار تار لڳائي نه رڳو پنهنجي اولهندي سرحدن کي ??حفوظ ڪيو پر سمورن بي بنياد الزامن جو پڻ موثر جواب ڏئي ڇڏيو. اسان دعاگو آهيون ته افغانستان جي عوام امن ۽ سلامتي جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪندي ڇو ته افغان امن حقيقت ۾ پاڪستان ۾ امن جو مظهر آهي. مون کي اميد آهي ته دنيا هن خطي ۾ امن جي لاءِ ڪيل اسان جي سمورين ڪوششن کي ڪنهن تعصب کانسواءِ حقيقت جي نظر سان ڏسندي ۽ ساراهيندي. صدر چيو ته زندهه قومون وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن سان گڏ پنهنجي مقصدن، صلاحيتن ۽ سگهه کي ??کارينديون رهنديون آهن. اسان جي بهادر فوج سدائين انهي جذبي تحت زماني جي تبديل ٿيندڙ معيار موجب پنهنجو پاڻ کي تيار رکندي آ??ي. ??سان سڀني جي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي به آهي ۽ عزت جو سبب به آهي ته پاڪستان جي دفاعي صنعت ۾ نه رڳو اضافو ٿيو آهي پر پاڻڀرو ٿيڻ طرف پڻ واضح اڳڀرائي ٿي آ??ي. ??لحمدالله، اڄ نه رڳو اسان هڪ ذميوار نيوڪليئر رياست آهيون پر پنهنجي سمورين دفاعي ضرورتن کي ??وثر انداز ۾ پورو ڪرڻ جي صلاحيت پڻ رکون ٿا. جي ايف – 17، الخالد ٽينڪ ۽ نيوي جي شپ بلڊنگ صلاحيت ان جو واضح ثبوت آ??ي. ??در چيو ته پاڪستاني قوم ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج تبديل ٿيندڙ وقت جي فن ضرب ۽ حرب کان نه رڳو آگاهه آهي پر ان سان پيدا ٿيندڙ خطرن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم به آ??ي. ??سان کي رڳو پنهنجي قوم تي يقين، رياست تي اعتماد ۽ صفن ۾ اتحاد برقرار رکڻو پوندو. اسان کي ??وم جي حيثيت تحمل، برداشت ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. پروپئگنڊه ۽ ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز کي حقيقتن سان توري ??د ڪرڻو پوندو. هڪ بي مثال قومي يڪجهتي ئي اسان جي پرامن ۽ شاندار مستقبل جي ضمانت آ??ي. ??در شهيدن ۽ غازين جي عظيم قربانين ۽ انهن جي خاندانن جي استقامت کي سلام پيش ڪندي چيو ته آئون ان ڳالهه کي ??قيني بڻايان ٿو ته شهيدن جي خاندانن سان رابطي ۾ رهان، اڄ صبح ئي مون باجوڙ ۾ شهيد ٿيندر سپاهي جمال جي والد ۽ سپاهي اياز جي ڀاءُ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن باسط علي شهيد ۽ سپاهي حضرت بلال، پسني ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن عفان مسعود ۽ گچڪ، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن ڪاشف شهيد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ??وم جي لاءِ پنهنجي پيارن جي عظيم قرباني تي خراج تحسين پيش ڪيو. انهن شهيدن جي ڪري ??ي اسان اڄ پاڻ کي ??حفوظ سمجهون ٿا ۽ اسان جي ملڪ جو امن انهن جي قربانين سان ئي واڳيل آهي. مون کي ??قين آهي ته اسان جا بهادر آفيسر ۽ جوان انهن شهيدنو انگر سيپٽمبر جذبي کي ??نهنجي دلين ۾ زندهه رکندي پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ ۽ قوم جي خوشحال مستقبل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. ان کان اڳ صدر شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ساڻس گڏ هو.
پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، اسان جي افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد