اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اميد آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس وانگر پي ٽي آءِ کي ب?? ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس تا??ين پهچ ملندي، 5 سالن کان اسڪروٽني ڪميٽي ۾ فنڊنگ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڪارڊ پيش ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيون آهن، ا??يڪشن ڪميشن کي نوٽسز ئي جاري ڪرڻا آهن ته پوءِ مريم، فضل الرحمان سميت سڀني جي تقريرن جو متن گهرائي وٺي، نااهل نواز شريف وانگر ن ليگ ان ڪيس ۾ ڪو جعلي قطري خط پيش ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا 19 اهڙا اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن جو گوشواران ۾ ذڪر ناهي، نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي ملازمن، پاپڙ وارن، فالوده وارن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي، ا??ئن ئي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڪبر ايس بابر کي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس تا??ين چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ فنانشل ايڪسپريٽس جي پهچ جو فيصلو ڏنو هو، ا?? تي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، 5 سال گذري ويا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڪائونٽس بابت 16 صحفي ب?? جمع نه ڪري سگهيون، هن چيو ته شڪر آهي ته اڄ مخالف ڌر کي ب?? اليڪشن ڪميشن جي ياد اچي وئي، اسان کي اميد هئي ته اهي ٻئي پارٽيون فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پيش ٿينديون، ٺپا مافيا ڌانڌلي کي جاري رکڻ جي لاءِ اي وي ايم جي مخالفت ڪري رهي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو آئيني اداري طور احترام آهي، ا??يڪشن ايڪٽ جي شق 218 موجب صاف ۽ شفاف اليڪشن به اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رهيون، 3، 3 ڀيرا وارا لڳايا پر شفاف اليڪشن لاءِ هڪ سڌارو به نه ڪيو، حڪومت چونڊ سڌارا آڻي رهي آهي، مخالف ڌر اي وي ايم کي ڏسڻ کانسواءِ رد ڪيو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اي وي ايم تي پهريون ٽيڪنيڪي اجلاس 8 سيپٽمبر ۽ ٻيو 15 سيپٽمبر تي هو پر ڪجهه اعتراض پهرين اچي ويا، ا??يڪشن ڪميشن جن اعتراضن جو ذڪر ڪيو، ا??ي ته موجوده ن??ام ۾ به آهن، 27 اعتراض ته صلاحيت بابت آهن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آفيشل اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ، رات جو دير سان ڊسڪه اليڪشن جو نوٽس، سينيٽ چونڊن کان اڳ گيلاني وڊيو تي درخواست جي باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ اي سي پي جُون پريس رليزُون به جاري ٿين ٿيون، هن چيو ته مخالف ڌر اڄ تا??ين چونڊ سڌارن تي سواءِ روئڻ پٽڻ کان ڪجهه ن??هي ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ جي شق 94 ۾ پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق آهي، ا?? لاءِ اليڪش ڪميشن ڪهڙا قدم کنيا، هن چيو ته پي ايم ڊي اي ڪنهن جي ذات لاءِ نه پر ميڊيا ڊولپمينٽ لاءِ آهي، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق آهي، مس انفارميشن جي ترديد يا وضاحت ممڪن آهي، ڊس انفارميشن ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندي آهي.
اميد آهي ته اڪبر ايس بابر ڪيس وانگر پي ٽي آءِ کي به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس تائين پهچ ملندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا