اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنڊ دادن خان جي ڀرپاسي واري علائقي ڍڍي ڦيرا ۾ پرائيويٽ اسڪول جي خراب عمارت ڊهڻ سبب پرائمري اسڪول جي ٻارن جي زخمي ٿيڻ جي واق??ي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي سي جهلم سان رابطو ڪري واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين کي اسپتال ۾ ب??ترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻارن، عورت ٽيچرز ۽ اسڪول جي ٻئي عم??ي کي جهلم منتقل ڪري علاج جي بهترين سهولتن جي فراهم?? کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل