اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇ??يو??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار ??هن?? خادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018ع تائين ره?? ته ٻئي طرف ڊي ??وڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آهي، اهو آهي پاڪستان ۽ عوام جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر