اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪست??ن جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ?? ترقي جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پار??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسي??ن جي ميمبر ملڪن کي آسي??ن جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪست??ن جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستا?? سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسي??ن جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرا??ي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪست??ن جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.
پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک