چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي ??اء?? 15 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي ??اء?? 10 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آهي، خيبرپختونخواهه ۾ متاثر علائقن جو دورو مڪمل ڪرڻ کا??پوءِ گرانٽ جو اعلان ڪنداسين، ٻوڏ ۽ برساتن کا?? متاثر آخري شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم ٻوڏ ۽ برساتن کا?? متاثر خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده جو دورو ڪيو جتي وزيراعظم متاثرين جي ??اء?? قائم امدادي ڪئمپن جو دورو ۽ متاثرين جي ??اء?? ڪئمپن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم متاثرين ۾ چيڪ پ?? ورهايا. وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 16 لک جي آبادي ۽ ٽن تعلقن تي ٻڌل چارسده مان ٽي درياءَ گذرن ٿا، هتي متاثرين جي ??اء?? خيما بستيون قائم ڪيون ويون آهن، ان ضلعي ۾ برساتن سان 5 فوتگيون جڏهن ته 180 ماڻهو زخمي ٿيا، هتي نقصانن جي سروي جاري آهي، 11 هزار ايڪڙ ڪپهه جي زمين برسات کا?? متاثر ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ضمني چونڊن جي ??اء?? جلسا ته ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪو??ست??ن ۾ ڦاٿل 5 ماڻهن کي ڪڍڻ جي ??اء?? انهن جو هيليڪاپٽر نه آيو جڏهن ته ڊي سي ۽ اي سي صوبائي حڪومت سان ان حوالي سان رابطو پڻ ڪيو، هاڻي اطلاعات واري صوبائي وزير بيان ڏنو آهي ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ان ڪم جي ??اء?? نه آهي. هن وزيراعظم کي چيو ته توهان اڳ ۾ خادم پنجاب هئا هاڻي خادم پاڪستان آهيو، اسان کي توهان مان اميدون آهن، صوبائي حڪومت مان ڪا اميد نه آهي. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ کا?? متاثر خاندان ۾25 هزار رپين جي روڪ رقم جي ورڇ 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي ان جي ??اء?? 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن تحت هتي پئسا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته نوشهره ۾ به روڪ رقم جي ورڇ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاق سنڌ جي ??اء?? 15 ارب جڏهن ته بلوچستان جي ??اء?? 10 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن، ڪالام، ڪو??ست??ن سميت ٻين متاثر علائقن جود ورو ڪرڻ کا??پوءِ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ کا??پوءِ گرانٽ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هو نوشهره مان به ٿي آيو آهي، کيس ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هتي 5 کا?? 6 فوٽ پاڻي چڙهيو جيڪو هاڻي لهي ويو آهي، اهو الله جو نظام آهي. هن چيو ته في خاندان 25 هزار رپيا پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن کا?? متاثر ماڻهن ۾ ورهايا پيا وڃن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان م اهو پروگرام جاري آهي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 242 ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ڪالام، سوات، دير ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون، ايين ڊي ايم اي ۽ صوبن سان گڏجي متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته وفاق متاثرين سان گڏ آهي، آخري متاثر شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿ لڳايو پيو وڃي، صوبن سان گڏجي جيستائين ممڪن ٿيو انهن جي نقصان جو ازالو ڪنداسين. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ مرحومن جي ??اء?? فاتحه خواني ڪئي.
ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک