اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پ??ڪس??ان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پ??ڪس??ان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعل??ٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن