اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي م??هن تي چماٽ آهي، شهباز شريف تي ڪ??هن به قسم جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي، جن ڊيوڊ روز کي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته ڊيلي ميل جي معافي سان رڳو شهباز شريف نه پر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام سرخرو ٿي آهي. هن چي?? ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر شريف خاندان تي بي بنياد ۽ ڪوڙا الزام هنيا، عمران خان 2018ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو. هن چي?? ته عمران خان نيب جو ريفرنس ڊيلي ميل وارن جي حوالي ڪيو هو، عمران خ??ن ڊيوڊ روز کي گهرائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري شهباز شريف جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کان ٽاڪ شوز ڪرايا، هي چوندا هئا ته شهباز شريف زلزلي سٽيلن جا پئسا کائي ويو، هنن ان شخص تي الزام هنيا ج??هن 10 سال پنهنجي رت پگهر سان پنجاب کي ترقي ڏني. هن چي?? ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر ماڻهن جا پٽڪا لاٿا، ا??هن تي الزام هنيا، ڊيلي ميل جيڪي الزام هنيا ان تي هي عدالت ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته شهباز شريف جي خلاف پورو ڪيس ٽرائل مان گذريو ج??هن کانپوءِ ڊيلي ميل شهباز شريف کان غيرمشروط معافي ورتي. هن چي?? ته الله جو شڪر آهي مسلم ليگ (ن) جا سمورا اڳواڻ ڪرپشن جي ڪوڙن الزامن مان سرخرو ٿي رهيا آهن.
ڊيلي ميل جي معذرت مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي، معافي ڊيلي ميل کي نه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر کي وٺڻ گهرجي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : رومن دولت