اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي ??ي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربراهي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حو??لي سان ٽيڪنيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود ڊي ??ي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي ??ي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاهد نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي مانيٽرنگ عوامي مسئلن کان آگاهي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ ت??ازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت سان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي پذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اداري ڊيم?? ۾ ??ومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ٽي وي چينلز جي مانيٽرنگ جي حو??لي سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حو??لي سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حو??لي سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حو??لي سان ڊي ??ي پي آر جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حو??لي سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي ??ي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي ??ي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي مانيٽرنگ جي عمل کي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي ??ي پي آر نه رڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي مانيٽرنگ ڪري ٿو پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي نقطه نظر جي حو??لي سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حو??لي سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪلز جي حو??لي سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
ڊي جي پي آر لاهور جي وفد جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو دورو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان