اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي معاملا بهتري بدران خراب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ اسان س??ن گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪست??ن جي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ايوان ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران خيالن جي اظهار سان آئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، هن شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سيڪريٽري، پروٽوڪول سيڪشن، ميڊيا سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته هتي جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن جي ڳالهه جو محور پاڪست??ن جي معاشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪست??ن جي علامت آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان تي به هتي ڳالهه ٿيڻ گهربي هئي، هن چيو ته اسان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته ر??اس?? پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اس??ن جي اها بدقسمتي آهي ته هتي معاملا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيا، هن چيو ته پاڪست??ن جي معاشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ اسان لاهن چاڙهن جو شڪار ئي رهيا آهيون، ??ن جو هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ ل??ڳو رهيو جنهن جو وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، هن چيو ته اسان کي انهن س??بن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي مارشل لا ڇو ل??ڳو ٿيا. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان کي ماضي مان س??ق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته اسان کي پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئي جي ڳچي پڪڙڻ سان هي ادارو ۽ ر??اس?? ٻئي ڪمزور ٿيندا. اسان کي سنجيده س??اس??دانن طور بردباري، تحمل، برداشت سان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن اهم موقعي تي مخالف ڌر انهن تقريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو اس??ن جي وچ ۾ هجن ها ته خوشي جي ڳالهه هجي ها ۽ ان س??ن عوام تائين سٺو ??يغ??م وڃي ها ته پاڪست??ن جا س??اس??دان آئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان س??ن سٺو ??يغ??م وڃي ها، هن چيو ته س??اس?? تفريح جو نالو ناهي س??اس?? پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل سان اڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ڪريو ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ۽ فرض آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ايوان ۾ مخالف ڌر کي اهو ??يغ??م ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ڪريون ته جيئن ايندڙ 50 سال خوشحالي ۽ ترقي جا ٿين.
سمورين سياسي قوتن کي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی