اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني اهي ۽ تاري??ي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاري??ي ڀائراڻن لاڳاپ?? جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت جي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سا?? جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم پاران ڪويت جي وزيراعظم کي ٽيليفون، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو