اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ان سان واڳيل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان بابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ل??ءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ان??ام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽجي وئي آهي، جڏهن ته ان سان واڳيل خطرا بدستور برقرار آهن. هن چي?? ته طوفان غير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي سمنڊ سان گڏوگڏ ان جو رخ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ڏانهن به آهي، اسان کي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. هن چي?? ته بائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان تبديل ٿي ويو آهي جنهن جي سطح تي هوا جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي رفتار آهي. طوفان ڪراچي کان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چي?? ته سامونڊي طوفان اڄ 14 جون جي صبح تائين اتر جي رخ ۾ جڏهن ته بعد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان جي صورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. سامونڊي طوفان سبب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. شيري رحمان چي?? ته طوفان جي صورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي علائقائي ۽ عالمي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي، هن چي?? ته طوفان جي اثر وارن علائقن ۾ ڪمزور بنيادي ڍانچي، بل بورڊن، ڪچين ڇتن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. هن چي?? ته سنڌ حڪومت خطري جو امڪاني طور شڪار ٿيندڙ علائقن مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ ل??ءِ قدم شروع ڪيا ويا اهن ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ل??ءِ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن چي?? ته کليل سمنڊ بابت به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ملاحن کي ان حوالي سان احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چي?? ته لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن لاءِ الرٽ به جاري ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ان??ام حيدر ملڪ سامونڊي طوفان بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌا?? ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي بنيادن تي سامونڊي طوفان بابت لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ خبردار ڪيو هو. طوفان ۾ 5 جون بعد شدت اچڻ شروع ٿي هئي، ۽ ان انتهائي شديد طوفان جي شڪل اختيار ڪئي. هن چي?? ته طوفان سان سنڌ جي لاڳاپيل سامونڊي علائقن کان علاوه بلوچستان جا ڪجهه علائقا به متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن جي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ل??ءِ قائم ڪيمپن بابت تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت گهٽي آهي، اهو 15 جون تي منجهند جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن سان ٽڪرائجي سگهي ٿو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria