اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڊينمارڪ ۾ عراقي سفارتخ??ني سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پاڪست??ني ان واقعي تي شديد ڏک ۽ تڪليف ۾ آهيون، ان مڪروهه ۽ شيط??ني واقعن جو بار بار ٿيڻ بين المذاهب لاڳاپن کي مجروح ڪرڻ، امن ۽ هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ ۽ مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا کي فروغ ڏيڻ جو ڪڌو ارادو رکي ٿو. هن حڪومت ۽ خاص طور تي مذهبي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اهڙن ڪڌن طريقن کي ختم ڪري. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اچو اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي اربين ماڻهن جي جذبن کي ٺيس پهچائڻ نه ڏيون ۽ انهن کي انهن جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل نه ڪرڻ ڏيون.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ