راولپنڊي-28 ڊسمبر (اي پي پي)ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس فيصلو ڪيو آهي ته پاڪ فوج ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي، فورم د??شت??رد گروپن جي پاڙيسري ملڪن ۾ محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فورم پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ عنصرن خلاف طاقت سان منهن ڏ??ڻ جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ٻن ڏ??نهن واري 261 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن سميت ڊيره اسماعيل خان حملي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي. فورم سڌي ۽ اڻ سڌي خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، فورم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. شرڪت ڪندڙن ڀارتي فوج طرفان معصوم شهرين جي اغوا، تشدد ۽ قتل جي ڪاررواين ??ي مذمت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڀارتي فوج جون ڪارروايون انسانيت خلاف سنگين ڏ??هه آهن، ڀارتي حربا بهادر ڪشميرين جي جائز حق خودمختياري واري حق جي جذبي کي دٻائي نٿا سگهن. پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سفارتي حمايت جاري رکندو. فورم کي خطي جي صورتحال، قومي سلامتي جي وڌندڙ خطرن تي جوابي حڪمت عملي بابت به بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين د??شت??رد گروپن جي پاڙيسري ملڪن ۾ محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ د??شت??ردن کي جديد هٿيارن جي دستيابي کي پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ د??شت??ردن ۽ انهن جي سهولتڪارن سان رياست مڪمل طاقت سان منهن ڏ??ندي، فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، فورم غزه ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن ??ي مذمت ڪئي، فورم غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ جاري تڪرار جي پرامن حل جو مطالبو ڪيو. فورم اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين خلاف جاري ڪاررواين جو به جائزو ورتو. فورم چيو ته پاڪ فوج اهڙن ڏ??هن جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هر طرح ??ي مدد فراهم ڪندي رهندي. فورم جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪ فوج ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي. آرمي چيف آپريشنز دوران پيشيوراڻي ??هارت ??ي معيار کي برقرار رکڻ، ذهني ۽ جسماني شعبن ۾ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو.
پاڪ فوج ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔