اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خود??خت??اري جي حق جي لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکند??، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خود??خت??اري جي حق کي اسعتمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم ک??ي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خود??خت??اري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي. نگران پرڏيهي ??زير خود??خت??اري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ هر سال خود??خت??اري جي حق جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، 1949ع ۾ اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام کي خود??خت??اري جي حق جو موقعو ڏئي سگهجي. هن چيو ته خود??خت??اري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي. نگران پرڏيهي ??زير چيو ته هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي ان قانوني حق جي توثيق ڪئي وڃي ٿي ته اهي ??نهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪندا. اها قرارداد غيرملڪي قبضي جي صورت ۾ ماڻهن جي خود??خت??اري جو حق حاصل ڪرڻ جي واضح حمايت ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشميري عوام ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال نه ڪري سگهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي ??ڃي?? تڪراري علائقو آهي ۽ ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم ک??ي رهيو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ ڀارت جي ڪوششن جو مقصد آبادياتي ۽ سياسي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ آهي ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار ڪميونٽي بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي ??زير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشميري عوام جي خود??خت??اري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي، ڀارت ڪشميرين کي انساني حقن جي منظم خلاف ورزين جو نشانو به بڻائي رهيو آهي، هن والاريل ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ خوف جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خود??خت??اري جي حق جو استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم ک??ي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي حقن ۽ بنيادي آزادين جي بحالي جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي. نگران پرڏيهي ??زير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خود??خت??اري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي پنهنجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ