اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس اي??وس??ئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپ??رٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪي??ن وانگر ڪورٽ رپ??رٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪورٽ رپ??رٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪي??ن وانگر ڪورٽ رپ??رٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چيو ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس اي??وس??ئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپ??رٽرز جي اميدن تي پورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس اي??وس??ئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، فنانس سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.
صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری