سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني ق??من خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل ??ماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 ??گسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي کي تسليم نٿا ڪن. ڪل ??ماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ??قن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقامت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظربندي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظربندي کي بنيادي انساني ??قن جي کليل خلاف ورزي ق??ار ڏنو آهي.
ڪشميري 5 آگسٽ جو ڏينهن يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : کڑک