اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو خطي ۾ اهم ۽ متحرڪ ڪردار آهي، موجوده حڪومت ملڪ جي سفارتي اڪيلائپ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، هاڻي ڪيترن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن، ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ٿي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاح کانپوءِ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي سفارتي اڪيلائپ ختم ٿي آهي، پاڪستان جو خطي ۾ اهم ۽ متحرڪ ڪردار آهي، پرڏيهي محاذ تي ڪاميابين جو سفر جاري آهي. هن چيو ته تازو ئي ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو ڪامياب دورو ڪيو، ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ ٻطر??ي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته ملائيشيا جي و??يراعظم جي دوري کان فوري پوءِ سعودي سيڙپڪاري و??ري و??ير جي قيادت ۾ سعودي عرب جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ 2.2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر مثبت آهن، ماضي ۾ 32 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي و??ي آهي، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ آءِ ٽي روانگي و??پار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته عالمي مالياتي ادارن عالمي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بئنڪ پاڪستان جي معيشت کي ساراهيو آهي ۽ بلومبرگ جهڙن مشهور مالياتي رسالن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خطي جي سڀ کان اڀرندڙ مارڪيٽ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته چيني و??يراعظم لي چيانگ پاڪستان جي دوري تي آهي، اهو 11 سالن کانپوءِ چين جي ڪنهن وزيراعظم جو پهريون دورو آهي جيڪو اسان جي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. وفاقي و??ير چيو ته چين سدائين پاڪستان سان دوستي جو هٿ وڌايو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي چين جي دوري کانپوءِ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي جي شروعات ٿي جنهن دوران بزنس ٽو بزنس تعاون ۾ اضافو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته نواز شريف جي دور ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو پهريون مرحلو شروع ٿيو هو جنهن تحت موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪيو ويو، ڪيترائي صنعتي يونٽس ۽ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا ويا، لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ توانائي جي شعبي کي ٻيهر ري اسٽرڪچر ڪيو ويو. هن چيو ته چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ صنعتي يونٽس قائم ڪن ڇو ته هتي پيداواري لاڳت گهٽ آهي. پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ايس سي او اجلاس 27 سالن کانپوءِ ٿيندڙ وڏو ايونٽ آهي. ايس سي او اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ هڪ اعزاز آهي، ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي اسلام آباد کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز آهن ۽ سمورن مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي و??ير ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ جد??د ترين سهولتن جي فراهمي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان جي قيادت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي کي ساراهيو. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت تي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جي ذميواري لاڳو آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ جي ڪوريج جي لاءِ ايندڙ غيرملڪي صحافين جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جو تشخص بحال ٿيو آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان جي گهڻ رُخي ۽ منفرد ثقافت ۽ ورثي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان جو ويزن پنهنجي ثقافت، ترقي پسند موقف ۽ امن پسند سوچ کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ آهي. 15 آڪٽوبر تي هڪ سياسي پارٽي جي احتجاج جي سڏ جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته هڪ طرف انا پرستي ۽ ٻئي طرف حب الوطني آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان کان وڏو ڪو سياسي اڳواڻ يا پارٽي نه آهي. هن چيو ته تحر??ڪ انصاف جي ڪال غيرذميواري ۽ غيرسنجيدگي جو مظهر آهي، انهن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، تحر??ڪ انصاف جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن ان جي مخالفت ڪئي آهي، اهي پاڻ ۾ وڙهيل ماڻهو آهن، انهن کي پنهنجي سمجهه نه آهي، انهن کي احتجاج ڪرڻو آهي ته پنهنجي گهر ۾ ويهي ڪن، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا ويا آهن، ڪنهن کي شهر ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي لاءِ جد??د ترين ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر قائم ڪيو آهي، ان جو مقصد اهو پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستاني امن پسند ماڻهو آهن جيڪي پوري خطي جي امن ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو مڃڻ آهي ته ايس سي او خطي جي امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته غزه ۾ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ٿي رهي آهي، جنگي ڏوهه سرانجام ڏنا پيا وڃن ۽ انهن ڏوهن جو مرتڪب اسرائيل آهي جنهن کي جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان فوري طور تي جنگبندي ۽ 1967ع کان اڳ جي فلسطيني سدرحدن جنهن جي گادي و??رو شهر القدس الشريف هجي، جي حمايت ڪري ٿو ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي آڇ ڪئي آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت عملدرآمد ڪري رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي پراڻي آهي جيڪا ڪنهن عام اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کان ڪيترائي ڀيرا اڳتي آهي. اها دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان نسل در نسل منتقل ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت چيني شهرين جي حفاظت جي لاءِ سخت ترين انتظام ڪيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چيني شهرين جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي ڀرپور ڌيان آهي.
پاڪستان جو خطي ۾ اهم ۽ متحرڪ ڪردار آهي، ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک بحال ٿي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام