س??نٽ پيٽرزبرگ-26 ڊسمبر (اي پي پي) اي??يا ۽ يورپ ۾ واقع سوويت يونين جي اڳو??ين رياستن ۽ روس تي ٻَڌل اقتصادي سهڪار تنظيم يوريشين اڪنامڪ يونين (اِي اي اِي يو) ۽ اي??ان وچ ۾ مڪمل آزاد واپار جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. روس جي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق معاهدي تي صحيحن جي تقريب روس جي شهر س??نٽ پيٽرزبرگ ۾ سپريم يوريشين اڪنامڪ ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي. دستاويز تي يوريشين اڪنامڪ يونين جي ايگزيڪيوٽو باڊي يوريشين اڪنامڪ ڪميشن جي بورڊ جي چيئرمين بيلاروس جي ميخائل ميانسيڪووچ، روس جي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم ۽ اي??ان جي صنعت ۽ واپار واري وزير عباس علي آباديءَ کان علاوه بيلاروس، آرمينيا، قزاخستان ۽ ڪرغزستان جي نمائندن به صحيحون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔