اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سال جي انتهائي اهم پرڏيهي دوري تي ڪالهه ڇنڇر جي صبح نيويارڪ روانو ٿي ويو جتي هو گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٽئين اقتدار جي دور ۾ وزيراعظم 193 رڪني عالمي فورم کي چوٿون خطاب ڪندو، اميد آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جنه?? ۾ ??و اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو جي موقف جي وضاحت ڪندو ۽ سندس خطاب ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خصوصي روشني وڌي ويندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي دوري ۾ وزيراعظم جو شيڊيول انتهائي مصروف هوندو. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ وزيراعظم گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل