اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حس??ن چيو آهي ته اسان جي تاريخ ۾ 23 مارچ جهڙو ڪو به ڏينهن نه آهي ڇو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن فيصلو ڪيو هو ته غير ملڪي حڪمرانن ۽ متعصب اڪثريت جي غاصباڻي طرز عمل کي شڪست ڏئي پنهنجي قسمت جا مالڪ پاڻ بڻجون، اهڙن خيالن جو اظهار صدر جمعي ڏينهن هتي پريڊ گرائونڊ ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سوشلسٽ جمهوريه سريلنڪا جي صدر ميٿري پالاسري سينا، وز??راعظم شاهد خاقان عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيف آف آرمي ??مي??ي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، نيول چيف ظفر محمود عباسي، دفاع وارو وز??ر انجنيئر خرم دستگير خان، مختلف ملڪن جا سفير، پارليامينٽ جا ميمبر، وفاقي وز??ر، مختلف ملڪن جي فوجي آفيسرن سميت عوام جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪئي، صدر چيو ته 23 مارچ 1940ع تي اسان جي بزرگن هڪ اهڙو جديد، مضبوط ۽ جمهوري ملڪ بڻائڻ جو عزم ڪيو هو جتي ڪير ڪنهن تي ظلم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جو استحصال ڪيو وڃي، اسان ان خواب کي حقيقت بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ قربانيون پيش ڪندڙ پنهنجي قائدين، بزرگن، شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته اها شاندار پريڊ اسان جي خوابن جي هي هڪ حس??ن تعبير آهي، هن چيو ته هن اهم ترين قو??ي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان جا بهترين دوست به پريڊ سميت پاڪستان جي ڏهاڙي جي ٻين تقريبن ۾ شريڪ آهن ۽ ان مقصد ج?? لاءِ سريلنڪا جو صدر ميٿري پالاسري سينا به خصوصي طور تي پاڪستان آيو آهي جنهن تي سڄي پاڪستاني قو?? سندس آجيان ڪري ٿي.
صدر پاران پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ گرائونڊ ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری