اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسلمان امت قيادت لاءِ پا??ستان ۽ سعودي عرب طرف ڏسندي آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت پوري دنيا جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا?? – سعودي لاڳاپا ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي جو پهريون معاهدو 1951ع ۾ ٿيو، سعودي عرب سان پا??ستان جي دوستي جي ڊگهي تاريخ آهي، پا??ستاني سعودي عرب سان دلي محبت ڪندا آهن. هن چيو ته جڏهن پا??يسري ملڪ جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پا??ستان ايٽمي ڌمڪا ڪيا ته ان تي پا??ستان کي پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، ان موقعي تي دوست ملڪن پا??ستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته سعودي عرب سان پا??ستانين جي محبت سدائين رهندي. پا??ستاني مزدور سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اهو وڏو مٽاسٽا جو ن??ڻو پاڪستان به موڪليندا آهن، پا??ستاني مزدور ۽ پروفيشنلز سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ جي دلي خواهش رکندا آهن، هن چيو ته سعودي عرب افغان پناهگيرن جي معاملي تي اسان جي مدد ڪئي، عالمي سطح تي ٻنهي ملڪن جو تعاون مثالي آهي، مسلمان ام?? سعودي عب ۽ پا??ستان ڏانهن ڏسندي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت دنيا جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر چيو ته اسان سعودي عرب جي سرزمين کان سياست، ماحوليات ۽ انساني لاڳاپا سکيا، سعودي عرب جي تاريخ جي تناظر ۾ اسان کي خطي، نظريات ۽ عوام سان محبت آهي، جيستائين هي ڪائنات قائم آهي اها محبت قائم رهندي، هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ ۽ خلفاء راشدين دنيا سان لاڳاپن لاءِ جيڪي اصول جوڙيا اهي هاڻي نظر نٿا اچن، دنيا کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا اخلاقيات، همدردي ۽ اصولن جي بنياد تي هجي نه وري لاڳاپن کي واپار ۽ مفادن سان جوڙيو وڃي، هن چيو ته سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ماحوليات سميت ٻين شعبن جي باري ۾ بهترين ويزن رکي ٿو، سعودي عرب ويزن 2030ع تاريخي تبديلي آهي، سعودي عرب ۾ نوان ??هر قائم ڪيا ويندا، اهو وڏو منفرد ڪاروباري مرڪز بڻجي ويندو، هن چيو ته پا??ستان جهڙي طرح ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو دنيا لاءِ مثال آهي، دنيا افغانستان مان نڪرڻ ۾ پا??ستان جي ٿورائتي آهي پر ان جي باوجود پا??ستان جي خلاف فيڪ نيوز جي بيناد تي مهم هلائي پئي وڃي، هن چيو ته پوري پا??ستاني قوم حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ تيار آهي، پا??ستانين کي جيتري پا??ستان سان محبت آهي ايتري ئي سعودي عرب سان آهي، صدر ان موقعي تي سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏني.
مسلمان امت قيادت لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب طرف ڏسندي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے