xاسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل س??طان چيو آه?? ته افعانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آه??، ان ??ي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.
انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مينوفيڪچرنگ فارما ايسو سي ايشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پڻ موجود هو. پي پي ايم اي جي چيئرمين قاضي محمد منصور ۽ اڳوڻي چيئرمين ا??د شجاع، امان الله شيخ، عثمان شوڪت حامد رضا، حسيب خان، عاطف اقبال ۽ ٻين ميمبرن افعانستان لاءِ اٽڪل 16 ڪروڙ روپيا ماليت جي دوائن جو عطيو ڏنو آه??.
صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل س??طان پي پي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. خاص مددگار چيو ته افغانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آه??، افغانستان ??ي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.