ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ?? آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پا??ست??ن هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پا??ست??ن جي سفير شجاعت راٺوڙ به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پا??ست??ن اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي حوالي سان انتهائي اهمي?? وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه م??مود قريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پا??ست??ن جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پا??ست??ن اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه م??مود قريشي چيو ته پا??ست??ن افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏ??ڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ