اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪرڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني ج?? بنياد تي دهشتگردي ج?? مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اع??ما?? جي رٿ اچي رهي آهي?? هاڻي جڏهن ته (ن) ليگ کي عدم اع??ما?? ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي ويو آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي اچي بيٺي آهي. مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين ق??مي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو رهيو آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس