اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ري??ٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ري??ٽر اسلامي يونيورسٽي پ??وفيسر ڊا??ٽر معصوم ياسين زئ?? تعليمي پ??وگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلان سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پلان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽي??ني??ي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي شاگردن کي ٽي??ني??ي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پ??وگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.
عالمي اسلامي يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa