اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪا??پو??يشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪا??پو??يشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪا??پو??يشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيجيٽل ڪا??پو??يشن آرگنائيزيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش