اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ا??و رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿي?? ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ??رج??ان چي?? ته اها بدقسمتي آهي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ??رج??ان چي?? ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ??رج??ان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي?? ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته ا??دادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.
پاڪستان پاران ٻوڏ امدادي ڪمن بابت ڀارتي خابرو اداري جي خبر ۾ هنيل الزام رد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج