اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجن??ئر امير مقام چيو آهي ته 80 لک ڪشميرين تي قابض ڀارتي فوج والاريل علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي تسلط خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال پهرين انهي ڏينهن ظالم ڀارتي سيڪيورٽي فورسز غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ لٿي. انجن??ئر امير مقام چيو ته ڪشميري پنهنجي ئي گهرن ۾ قيدي بڻجي ويا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڀارت جو غير انساني فوجي گهيراءَ ۽ وحشياڻو ڏاڍ ۽ ڪشميرين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري والاريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. انجن??ئر امير مقام عالمي برادري تي زو?? ڀريو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشميرين ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت طاقت جي وحشياڻي استعمال سان انهن جي عزم کي ٽوڙي نٿو سگهي. هن آزادي واري جدوجهد جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais