ڪراچي – 08 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??يپ??زپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري چيو آهي ته هر شعبي ۾ عورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب ??يپ??زپارٽي چيئرمين عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پيشيواراڻي سيڪٽرز سان گڏوگڏ سياست ۽ اعليٰ پاليسي ساز ادارن تائين هر شعبي ۾ عروتن جي شموليت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته ۽ خوداعتماد عورتون پاڪستان جي ترقي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته سندس پارٽي عورتن جي قدر ۽ اهميت جي حوالي سان منفرد تاريخ رکي ٿي ته هن پاڪستاني عورتن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم سان گڏوگڏ پهريون عورت اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير جهڙا اعزاز حاصل ڪرڻ جو بنياد فر??هم ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مختصر حڪومت جي دورن جي دوران عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي لاءِ ٺوس قدم کنيا، فرسٽ وومين بئنڪ، وومين پوليس اسٽيشنز ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. ??يپ??زپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان ??يپ??زپارٽي پنهنجي سهيد چيئرپرسن جي مشن کي اڳتي وڌائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، يونين ڪائونسل جي سطح تي ڪاروبار جي لاءِ عورتن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي، بي زمين عورت آبادگارن کي زر??ي زمين جا مالڪاڻا حق ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عورتن کي رهائشي پلاٽن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ جهڙا ڪامياب پروگرامز متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته عورتن بابت ڪميشن جو قيام، اينٽي وومين پريڪٽس ايڪٽ، ??ينٽي ايسڊ ڪرائيمز جو قانون، پروٽيڪشن آف وومين ايٽ ورڪ پليس، چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ ايڪٽ، ??نڌ ميٽرنٽي بينيفيٽس ايڪٽ، ??نڌ ايگريڪلچر وومين ورڪرز ايڪٽ، ??نڌ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ، ??نڌ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ نيوٽريشن ايڪٽ، ??نڌ چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ ايڪٽ ۽ گهٽ عمر ڇوڪرين جي شادي جي روڪٿام جي حوالي سان قانونسازي پڻ پاڪستان ??يپ??زپارٽي جي حڪومتن جو شيوو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زر??اري جو چوڻ هو ته پاڪستان ??يپ??زپارٽي ملڪ جي اها واحد پارٽي آهي جيڪا حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪڏهن ذريعي برابر به مصلحت جو شڪار نه ٿي. هن چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستاني عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ برابري حاصل هجي ۽ اسان ان خواب کي پورو ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.
هر شعبي ۾ عورتن جي برابر ۽ ڀرپور حصيداري کانسواءِ پاڪستان کي کي امن، خوشحالي ۽ ترقي پسند سوچ جو گهوارو بڻائڻ جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا