اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پا??ستان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپان ??ي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پا??ستان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پا??ستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ ??ي پهرين هفتي ۾ پا??ستان ??ي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد جي جاپاني هم منصب سان مُلاقات، ٻطرفي سياسي مشاورت
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش