اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس ج??لاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس ج?? باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏي??ي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي و??ئي ايم ايم) جي اجلاس ج?? صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس ج??ڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس ج?? صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران پرڏي??ي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس ج??لاني ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت نوجوانن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌ??ئي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria