اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ??شم??رين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ??شم??ري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو احت??اب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار ج?? منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ??شم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔