اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو آهي ته گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ميڊيا جي نمائندن جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي، اميد آهي ته ميڊيا غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطل??عا?? ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطل??عا?? ۽ نشريات وارو سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر موجود هئا. وفد ۾ چيئرپرسن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن شڪيل مسعود، سيڪريٽري جنرل پي بي اي ميان عامر محمود، سينيئر وائيس چيئرمين مير ابراهيم رحمان ۽ طاهر خان شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ميڊيا خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مسئلن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم کي اشتهارن جي ڏس ۾ حڪومت پاران رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ جي مسئلي جي حوالي کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي اشتهارن جي رهتن جي ادائيگي جو يقين ڏياريو ۽ اطل??عا?? ۽ نشريات واري وزارت کي ان مسئلي کي جلد کا?? جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪ??ي. نگران وزيراعظم ميڊيا جي اهميت تي روشني وجهندي ??يو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ ميڊيا جي نمائندن جي حقن جو تحفظ به رياست جي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم ??يو ته حڪومت ۽ ميڊيا جي موثر ۽ ٺوس رابطي سان عوام حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کان باخبر رهي سگهي ٿي ?? گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ميڊيا غيرجانبدراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. نگران وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت جي ميديا جي ذريعي آگاهي وڌائڻ تي زور ڏنو. نگران وزراعظم ??يو ته ڊالر جي قدر ۾ تازي گهٽتائي، اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي.
گڊ گورننس ۽ حڪومتي ڪارڪردگي جي احتساب ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری