اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وز??را??ظم جي وفد ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وز??را??ظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وز??را??ظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وز??را??ظم قصرِ مل?? جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان م??اقات ڪندو. وز??را??ظم پاڪستان ۽ تاجڪستان ج?? وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان م??اهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ?? پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وز??را??ظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وز??را??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي روانو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس