اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ وچ ايشيا جي برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ، هميش فالڪنر ايم پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ انساني حقن، قانوني معاملن ۽ گڏيل تعاون کي مضبوط بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن کان انساني حقن جي تحفظ ۽ قانوني سڌارن جي مُک علائقن ۾ لاڳاپن کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ڪالهه ا??ساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير پاڪستان طرفان انساني حقن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ عالمي قانوني دائره ڪار تحت انساني حقن جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل چئلينجن کي مُنهن ??يڻ لاءِ مدد تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ هميش فالڪنر انساني حقن جي حوالي سان تعاون ۾ وڌيڪ بهتري، مسلسل مڪالمي ۽ بهترين عملي تجربن جي ڏيوٺ ذريعي مضبوط لاڳاپا برقرار رکڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين يقين ظاهر ڪيو ته جاري تعاون پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪندو ۽ سندن شه??ين جي بهترين مف??د ۾ خدمتون انجام ڏيندو.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي برطانوي پارلياماني انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ هميش فالڪنر ايم پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن