نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ ن??ويارڪ پهچي ويو آهي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعا?? ۽ ??شريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ميمبر مل??ن جي سربراهن جي لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جي مختلف مل??ن جي سربراهن سان غيررسمي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس 2024ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي مالديپ جي صدر محمد معيزو سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری