واشنگٽن – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جو جديد ترين ايف 35 ويڙهاڪ جهاز ڏکڻ ڪيرولاينا جي شهر نارٿ ڪارلسٽن جي ايئر بيس تان اڏام کان پوءِ لاپته ٿي ويو آهي، آمريڪي فوج عوام کي ان جهاز جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. جهاز جو پائليٽ پنهنجي س??ٽ ايجيڪٽ ڪري حفاظت سان زمين تي لهيو آيو . جوائنٽ بيس ڪارلسٽن ۾ مقرر آمريڪا جي ميرين ڪور جي آفيسرن مطابق پيراشوٽ ذريعي حفاظت سان لهڻ کان پوءِ پائليٽ کي مقامي اسپتال نيو ويو جتي س??دس حالت مستحڪم هئي. پائليٽ ٻڌايو ته جهاز ۾ نقص جي خبر پ??ڻ تي هن پاڻ کي ايجيڪٽ ڪرڻ کان اڳ ??هاز کي آٽو پائليٽ موڊ تي آندو هو.
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس