گڏيل قومون -10 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن غزه م??ن فلسطينين جي نيڪالي واري نئين اسرائيلي حڪم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. انڊپينڊنٽ اردو موجب اسرائيل 27 جون کان جاري پنهنجي فوجي ڪارروائين جي سلسلي ۾ غزه شهر مان ۽ ڏکڻ وارن علائقن م??ن فلسطينين جي نيڪالي لاءِ نوان حڪم جاري ڪيا آهن جتان گڏيل قومون موجب لکين فلسطيني اڳ ئي لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري گذريل ڏينهن چيو آهي، ته اسرائيل پاران نون حڪمن تي اسان کي ڳڻتي آهي، جن موجب ڪيترائي ڀيرا زبردستي طور تي فلسطينين کي انهن جي علائقي مان نيڪالي ڏيڻ تي مجبور ڪ??و ويو آهي. انهن علائقن ۾ اسرائيلي فوج جون ڪارروائيون جاري آهن ۽ شهري مارجي رهيا آهن جڏهن ته ڪيترائي شهري پڻ زخمي آهن.
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina