گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي)دنيا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت کي سندس ويجهن ساٿين يا خاندان جي ٻين ماڻهن هٿان قتل ڪيو ويندو آهي. عالمي سط?? تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو. 60 سيڪڙو عورتن جو قتل ويجها ساٿي يا خاندان جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي و??ري عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ٻن ايجنسين يو اين وومين ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) طرفان تيار ڪيل ٻن رپورٽن فيميسائيڊز ان 2023 فيملي ميمبر فيميسائيڊ ۾ م??تب ڪيل دستياب انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته عالمي سط?? تي 2023ع ۾ 85 عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي و??ڻي قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي عورتن، منشيات ۽ ڏوهن بابت آفيس چيو آهي، ته عالمي سط?? تي 2023ع دوران اٽڪل 51 هزار 100 عورتن ۽ ڇوڪرين جي موت جو ذميوار هڪ ويجهو ساٿي يا خاندان جو فرد هو. گڏيل قومن مطابق اهو انگ 2022ع ۾ 48 هزار 800 هو جڏهن ته گذريل سال ان ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ساٿين ۽ خاندان هٿان سڀني کان وڌيڪ عورتون آفريقا ۾ قتل ٿيون، ان کان پوءِ آمريڪا ۽ اوشيانا جو نمبر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾، گهريلو تشدد ۾ م??رجي ويل اڪثر عورتن جي شرح (ترتيب وار 64 سيڪڙو ۽ 58 سيڪڙو) آهي.
عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن